SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Natural Resources

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nætʃrəl
  • rizɔːsiz
  • )

From the Dictionary of Geography:

Natural Resources

قدرتي وسيلا


From the Dictionary of Commerce & Banking:

Natural Resources

قدرتي وسيلا


From the Dictionary of Official Terms:

Natural Resources

قدرتي وسيلا


From the Dictionary of International Relations:

Natural Resources

نيچرل ريسورسز

قُدرتي وسيلا

زمين ۽ ان ۾ موجود ڌاتوئن، پاڻي ۽ ڪچي تيل وغيره کي ”قدرتي وسيلا“چيو ويندو آهي. ان کان علاوه ڪچو مواد، جيڪو انساني سرگرميءَ سبب ضايع ٿيڻ کان بچيل هُجي ۽ ڪنهن به قوم جي استعمال لاءِ قيمتي وٿُ هُجي. اُهو به هن قسم جي وسيلن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڌرتيءَ جي گولي تي موجود اُهي اثاثا، جن سان ڪنهن به مُلڪ جي قومي طاقت ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اُهي ڪنهن به رياست جي آزاديءَ ۽ تحفظ کي مضبوط ڪن ٿا. انهن وسيلن ذريعي رياستون پنهنجا سياسي مُفاد حاصل ڪن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو وڏيون طاقتون قُدرتي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ ٻين ملڪن تي لشڪر ڪشي ڪن ٿيون. عام طور تي قدرتي وسيلا ٻن قسمن يعني خُشڪ (زميني) ۽ سامونڊي ٿين ٿا. خُشڪيءَ تي موجود وسيلا گهڻي قدر مُختلف ملڪن جي ملڪيت هُجن ٿا ۽ مٿن مخصوص رياستن جو قبضو هُجي ٿو. جڏهن ته سمنڊ ۾ موجود وسيلا (جن ۾ مڇيون ۽ تري ۾ موجود نباتات وغيره) ڪنهن به مُلڪ جي سامونڊي حدن تائين ته اُن مُلڪ جي ملڪيت بڻجن ٿا، پر سندس سامونڊي حدن کان ٻاهر عالمي سمنڊ (International Waters) ۾ موجود وسيلن تي سموري دُنيا جو حق تسليم ٿئي ٿو. وسيلن جي توازن نه هُجڻ جي ڪري مُختلف ملڪن جي وچ ۾ لڙائيون ٿين ٿيون، جنهن سان عالمي سطح جا تنازعا به کڙا ٿين ٿا. قُدرتي وسيلن جي حياتياتي (Biotic) قسم ۾ ٻيلا، پيٽروليم، سون ، چاندي ، پاڻي، ڌاتو ۽ ٻيون شيون اچي وڃن ٿيون.جڏهن ته توانائي ڀريل (Potential) وسيلن ۾ گئس ۽ پئٽرول سميت اهي ذخيرا اچي وڃن ٿا، جيڪي زمين اندر موجود ته آهن پر اڃا تائين استعمال ۾ نه آيا آهن. ان کان علاوه ٽيڪنالاجيءَ ذريعي واڌ کائيندڙ وسيلن کي Actual Resources ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي ٻيهر استعمال لائق وسيلا (Recycling Resources) ۽ انساني ڪم ۽ سگهه جي صورت ۾ ”ختم نه ٿيڻ جوڳا وسيلاً وغيره به ”قدرتي وسيلن“ ۾ اچي وڃن ٿا.


Remember Me Also:

هوء

هوءِ

(نِدا). حيرت جو آواز، هاءِ ، هاءِ هاءِ ، افسوس. ووءِ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal